SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


بين الاقواميت پُڄاڻا


بين الاقوامي تعلقات جي ڊڪشنريءَ مان:


بين الاقواميت پُڄاڻا

Post- Internationalism

پوسٽ -انٽرنيشنلزم

هن نظريي مطابق بين الاقوامي ماحول ۽ حالتون ڏينهون ڏينهن تيزيءَ سان ۽ مسلسل بدلجي رهيون آهن. اهڙي صورتحال ۾ ضروري آهي ته اهڙين ٿيندڙ تبديلين جو وچور رکي اهو تجزيو ڪجي، ته نت نيون تبديليون آخرڪار دُنيا کي ڪهڙي رُخ ۾ وٺي وڃي رهيون آهن. ان حوالي سان هيءُ نظريو بُنيادي طور ٽن رُخن تي بحث ڪري ٿو.
(1) تمام بُنيادي يا انفرادي سطح: جنهن ۾ انفرادي صلاحيتن جو جائزو ورتووڃي ٿو.
(2) وچٿري سطح: جنهن ۾ مختلف فرد ۽ سندن گڏيل معاملا بحث هيٺ اچن ٿا.
(3) مٿانهين سطح: هن ۾ گڏيل دلچسپيءَ وارن معاملن تي غور ٿئي ٿو، جنهن ۾ عالمي سطح تي پوندڙ اثرن ۽ تعلقات تي غور ٿئي ٿو.
انهن مان پهرين سطح جو مرڪزي نُڪتو ٽيڪنالاجيءَ جي تبديلين سبب ڏانءُ ۽ صلاحيتن جي ايندڙ انقلاب تي زور ڏيندي، اُن کي انساني سماج تي لاڳو ڪرڻ لاءِ زور ڀري ٿو. ٻئي طرف وچٿري سطح دُنيا ۾ طاقت جي ڇڙواڳ استعمال جي روز بروز وڌندڙ رُجحان ۽ اُن جي اجتماعيت مٿان اثرن ۽ بگاڙ بابت آگاهي ڏئي ٿي، جڏهن ته آخري سطح عالمي جوڙجڪ کي ٻن حصن يعني آزاد رياستي نظام جي تابع مڙني ڌُرين ۽ گهڻ - رُخن آزاد عالمي ادارن ۽ ڌُرين ۾ ورهائي سندن ڪردار کي چٽو ڪري ٿي. هن نظريي موجب دُنيا ۾ مسئلا ۽ بحران عالمي سرشتي جو اڻ- ٽٽ حصو آهن، جيڪي هڪ مستقل رُجحان ۾ هلندي، دُنيا جي مُلڪن تي مسلسل اثرانداز ٿيندا رهندا. ان هوندي به مٿين ٽن مان هر سطح تي ايندڙ تبديليون اهو طئه ڪنديون، ته بحرانن ۽ مسئلن سان مُنهن ڏيڻ لاءِ گڏيل حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي تياري) تي ڪيتري آهي، اجتماعي عالمي معاشي معاملن (وچين سطح) بابت ڪهڙي ڌُر ڪيتري اثرائتي آهي ۽ اُها اداراتي ترقيءَ ۾ ڪيتري اڳڀري آهي ۽ آخر ۾ (مٿين سطح ۾) اهو ڏسڻو آهي ته عالمي سطح جا غيرسرڪاري ادارا ۽ رياستي نظام هيٺ رهندڙ دُنيا جون قومون پاڻ ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي ڪيترو تعاون ڪن ٿيون ۽ هڪٻئي سان ڪيتري گهري ميلاپ جو مظاهرو ڪن ٿيون. هن نظريي جي وڪيلن مان سڀ کان اهم نالو جيمس روسينا (James N. Rosenau) جو آهي، جنهن پنهنجي ڪتاب عالمي سياست جا بحران Turbulances of International Politics ۾ هن نظريي جو خاڪو واضح ڪيو آهي


Remember Me Also:

بي هنگام

صفت. [ف] بي وقت. بي موقعي.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal